速報APP / 音樂與音效 / Radio Voice of Sindh, London

Radio Voice of Sindh, London

價格:免費

更新日期:2017-12-08

檔案大小:31.6 MB

目前版本:1.1

版本需求:需要 iOS 9.0 或以上版本。與 iPhone、iPad 及 iPod touch 相容。

支援語言:英語

Radio Voice of Sindh, London(圖1)-速報App

پهريون ويب ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن پنهنجي نشريات جو آغاز 10 آگسٽ 2012 تي ڪيو. اسان جو مقصد دنيا جي گولي تي رهندڙ سنڌين کي هڪ لڙي ۾ پوئي هڪ شاندار قوم واري حيثيت ڏيارڻ آهي.

اسان جي اها ڪوشش هوندي ته سنڌي ثقافت ، ٻولي ، تهذيب ، ادب ، علم ، تاريخ ۽ موسقي کي فروغ ڏيون. سنڌ جيڪا هزارين سالن کان پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ مسلسل جاکوڙيندي رهي آهي ، ڌارين جي يلغار جو مقابلو ڪندي رهي آهي. ان جي گڏجي مالڪي ڪيون.

سنڌ دنيا جي خوشحال خطن ۾ شمار ٿئي ٿي. قدرتي وسيلن تيل ، گئس ، ڪوئلي . بندرگاه ، زراعت ۽ سنڌو دريا جي نعمتن سان مالا مال آهي.

سنڌ جي ڌڻين جن کي تعليم ، صحت ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم ڪيو ويو آهي. ان جي نتيجي ۾ هر طرف بک ، بدحالي ، مذهبي انتها پسندي ۽ سنڌ جو حقيقي روپ ميٺ محبت ، صوفي ازم ۽ مذهبي رواداري شديد متاثر ٿي آهي.

Radio Voice of Sindh, London(圖2)-速報App

ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن جو اهو مشن آهي ته سنڌ جي گھگھرن سان گڏجي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪريون. تعليم جي ميدان ۾ پنهنجون صلاحتون استعمال ڪيون. ريڊيو جي پروگرامن وسيلي سنڌواسين کي اهو احساس ڏياريون ته سنڌ جي مالڪي ڪيو. سنڌ اندر ٿيندڙ بيواجين تي گھري نظر رکو.

اسان جي اها به ڪوشش هوندي ته ريڊِيو جي نشريات کي انتهائي معياري بنايون. ويب ٽي وي ۽ اڳتي هلي لنڊن مان سنڌي سان گڏ انگريزي ۾ مڪمل تي وي چينل شروع ڪري سگھون. ڇاڪاڻ سنڌ جو اصل روپ دنيا اڳيان آڻڻ لاءِ انٽرنيشنل سطح تي ميڊيا ۾ سنڌين جو اثرائتو آواز هجڻ ضروري آهي.

اسان جي اها به ڪوشش هوندي ته تعليم جي ميدان ۾ اسان ڪا اڳڀرائي ڪري سگھون. بند پيل اسڪول کوليون ، جيڪي ٻار اسڪول ڪونه ٿا وڃن انهن کي تعليم جي روشني سان آراسته ڪريون.

اسان جي سنڌواسين کي اها به گذارش آهي ته ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن کي پنهنجو آواز سمجھن ۽ جتي به علم ، ادب بابت جيڪي به پروگرام ٿين ٿا. انهن کي سموري دنيا ۾ آباد سنڌين تائين پهچائڻ لاءِ نمائندگي وارو قومي ڪردار ادا ڪن.

Radio Voice of Sindh, London(圖3)-速報App

ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن سنڌواسين جو گڏيل آواز آهي. ان کي مضبوط ۽ اثرائتو بنائڻ لاءِ هر طرح جو سهڪار ڪريو. جڏهن سنڌ جا گھڻگھرا اسان جي رهنمائي ۽ سهڪار ڪندا ته اسان سنڌ قوم جو وڃايل وقار ۽ مان ڏيارڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسون.

هي گڏيل مشن آهي جيڪو اسان گڏجي پورو ڪري سگھنداسون.

Radio Voice of Sindh, London(圖4)-速報App

支援平台:iPhone, iPad